رهاڻ هيرن کاڻ 3

رهاڻ هيرن کاڻ 3

رهاڻ هيرن کاڻ 3

رهاڻ هيرن کاڻ 3 (ڪتاب) جلد ٽيون: هي ڪتاب سنڌ جي نامور عالم، اديب، مؤرخ، لوڪ ادب جي ڄاڻو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لوڪ روايتن متعلق 1950ع کان 2008ع تائين ڪيل ڪچهرين تي ٻَڌل ڪتابي سلسلي جو ٽيون جلد آهي. هن جلد ۾ تاريخ؛ سنڌي لغات؛ وڏي عالم ۽ عربيءَ جي شاعر ميين علي محمد مهيريءَ بابت ڏنل ڄاڻ کان سواءِ ويا سي وينجهار؛ سنڌ جا باز ۽ بازداريءَ ۾ سندن مهارت؛ رسالي جي رهاڻ؛ جنگ ناما؛ ظرافت مزاح؛ کِل ۽ خوشي؛ سنڌ جا ڀاڳيا ۽ مال جا داغَ؛ سگهڙ، شاعر ۽ قصا؛ سنڌ جا قبيلا ۽ نسب ناما؛ روس جو سفر؛ نارو؛ هاڪڙو نارو؛ ڪارو نارو؛ هم تڙ نارو؛ اروڙ کان هيٺ درياهه جا وهڪرا ۽ پراڻ درياهه جهڙا عنوان شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي 173 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 2002ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 80 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو